Views of Ali Gul on the victim of rape in Chachro sindh




By :- Ali Gul
الف،ب، پڙھڻ لاءِ آئون اسڪول ويس؟ الف، ب، جي جاڻ ته نه ملي؟ زيادتي جو شڪار ٿي اج گھر آيس؟ امان پڇو ڇو ٿو روئين؟ چيومانس ته منهنجو مستقبل توهان ڪنهن جي ھٿ ۾ ڏنو؟ اج منهنجو معصوم ۽اڀرندڙ مستقبل تباهه ٿي ويو آهي؟ مونکي ھڪ بند ڪمري ۾ اھڙي تعليم ۽ سبق ڏنو ويو آهي؟ جيڪو آئون ھاڻي اڳتي نٿو پڙهڻ چاهيان؟ مون اھڙي سبق سکڻ کان بچڻ لاءِ ساٿي شاگردن ۽ استاد کي به سڏڙا ڪيا؟ پر منهنجي سبق جي ٽائيم ھڪ بند ڪمرو ۽ سجو اسڪول کالي ھو؟ اج مون کي الف ب جي جاڻ ملي وئي آهي؟امان منهنجي ساٿي شاگردن کي چئي جو ته پنھنجي حلال اسڪول اج حرام ٿي وئي آهي؟ امان ھئي پين منهنجي دوست جي آھي؟ ھن کي واپسي ڏئي اچو ۽ منهنجو نياپو ڏيجو ته پاڻ جيڪو انجنيئر ٿيڻ جو گڏيل خواب ڏٺو ھو ھن خواب جي سفر ۾ مان وڌيڪ ساٿ نٿو ڏئي سگهان؟امان جي اکين ۾ پاڻي ڏسي چيو ته امان جي بابا محرم خواب ۾ اچي ميار ڏي ته چئجان ته راجيش ڪمار وڏو آفيسر نٿو ٿيڻ چاهي؟ ۽ وڌيڪ ٻڌائجان ته ھتي بعد ذوق جي ھٿ ۾ باغ آهي؟ھاڻي آئون بابا جي خواهش ۽ خواب کي ھڪ وحشي جانور جي ڪري اڌورو ڇڏيان ٿو؟؟چاچا منهنجي ڳالهه ٻڌي پريشان ٿي ويو جڏهن چاچا جي نظر منهنجي شلوار ته پئي ته شلوار رت ۾ لٿ پٿ ڏسي مونکي جهولي ۾ کڻي ڪمري ۾ ويو؟؟ ۽ مونکان بي قابو رڙيون نڪري ويون؟ امان پڇيو پٽ ايڏو روئين ڇو ٿو؟؟ چيومانس ته امان مون کي بند ڪمري کان ڊپ ٿو لڳي؟؟ چاچا کي چيو ته مونکي ڇڏي مان ٻاهر نڪري ٿو چاهيان؟؟پوءِ چاچا مونکي ھڪ اھڙي جائي ته وٺي آيو جتي مون ڪاري وردي پهريل ھٿ ۾ ھٿيارن سان ماڻهو ڏٺا؟ ھنن وردي وارن مونکان پڇيو ته تو سان ڇا ٿيو آهي؟؟؟چيومانس ته مونکي درسگاهه تان درس مليو آهي آئون يتيم ۽ غريب جو ٻار آهيان ۽ اھڙو درس جڏهن ڪنهن تعليم کاتي جي آلا عملدار يا ڪنهن واڳ ڌڻين جي اولاد سان جڏهن اھڙي زيادتي جو نشانو بڻايو وڃي تڏھن ھنن کان پڇا ڳاڇا ڪجو؟ ته توسان ڇا ٿيو آهي؟؟؟ ھنن ڪاري وردي پوش وارن منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ جي بجاءِ گاڏي ۾ چاڙهي مونکي جائي واردات اسڪول وٺي ويا؟ آچر جو ڏينهن ھوڻ ڪري ساٿي شاگردن کي رستي ۾ ڏٺم ؟ ھنن ۾ ڪلھ جو خوف ۽ حراس ھو؟ ساٿين مونکي عجيب نظرن سان پئي ڏٺو؟؟ ھنن جا مرجهايل چهرا ڏسي سوچو ته؟ ناھيل اسان جو مالھي آها معصوم وڻن جو ڇا ٿيندو؟؟دل ئي دل ۾ ھڪ دعا گهري سين ته روزانو آچر جو ڏينهن ھجي؟ ۽ اسين سب بند ڪمري جي الف، ب، کان محفوظ ھجون،،، ،،سيٽون علي گل بجير

Comments

Popular posts from this blog

Nanger Parkar Sindh After rain photography and detail by DR Raja Shad

Ludo star Not working in pakistan